نه ڪاٿي ڀي محبت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،
رڳو نفرت ئي نفرت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان ٿي خون ڌاڙا اوج تي آهن زماني ۾،
نه هت محفوظ عزت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي

بنا ڪنهن ڏوھ جي ناريون سدا ٿين ٿيون هتي ڪاريون،
ڏسيو هي ڪھڙي غيرت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

سدائين ديس پنهنجي ۾ ڪري دانهون رھي آھيان،
ڏنو ڪنهن ڀي نه آٿت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،

وڍيو ويڇا ڇڏيو نفرت ملو سڀ پاڻ ۾ مرڪي،
حياتي خوبصورت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان هر جاء خوشحالي نه ڪنهن جي اک ھجي آلي،
اھا ئي دل جي حسرت آ چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان ٿي ظلم ڌرتيء تي تڏهن آليون اکيون آهن،
اھاَ ”ساجد“ حقيقت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي