jab maa ko khuda ny banaya to


Maa ky jo qarib hoty hain

 نه ڪاٿي ڀي محبت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،
رڳو نفرت ئي نفرت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان ٿي خون ڌاڙا اوج تي آهن زماني ۾،
نه هت محفوظ عزت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي

بنا ڪنهن ڏوھ جي ناريون سدا ٿين ٿيون هتي ڪاريون،
ڏسيو هي ڪھڙي غيرت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

سدائين ديس پنهنجي ۾ ڪري دانهون رھي آھيان،
ڏنو ڪنهن ڀي نه آٿت آ، چيو هڪ ڇوڪري روئي،

وڍيو ويڇا ڇڏيو نفرت ملو سڀ پاڻ ۾ مرڪي،
حياتي خوبصورت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان هر جاء خوشحالي نه ڪنهن جي اک ھجي آلي،
اھا ئي دل جي حسرت آ چيو ھڪ ڇوڪري روئي،

ڏسان ٿي ظلم ڌرتيء تي تڏهن آليون اکيون آهن،
اھاَ ”ساجد“ حقيقت آ، چيو ھڪ ڇوڪري روئي
زندگيءَ جي ڪتاب کي جڏهن ماضي ۾ پڙهان ٿو,
هر هڪ لمحي ۾ آءُ توکي پاڻ سان ڏسان ٿو,

تنهنجي اکين ۾ ڏسي، پاڻ کي انهن ۾ تلاش ڪندي,
آءُ تنهنجي اکين کي وري بند ٿيندي ڏسان ٿو,

“تون صرف منهنجو آهين” تنهنجا اِهي چيل لفظ,
۽ پنهنجي وفا کي سُوليءَ تي چڙهندي ڏسان ٿو,

شايد اِهو ئي ظالم سماج جو اصول آهي,
سوچيندي، لکندي، آزاد هوندي به،
آءُ پاڻ کي وفا جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل ڏسان ٿو,

حيلم باغي جي شاعري

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جئين ڪو پکيئڙو منجھ گگن،
نـــــه جــنـــهــن جـــو ڪـــوئــي آ هــيـرو ، نه آشيانو ۽ چمن،
مان بــه پــنـــهنـــجي ديــس ۾ ، آهــيــان اڪــيــلـــو اوپــرو ،
جــــــلاوطـــــن ، جــــــلاوطـــــن ، جــــلاوطــــن ، جـــلاوطــــن

روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،
جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن.

نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ ، نـه مـنــهـنـجـو آســتان آ،
نـــه مـنـهـنجي ڄڻ هي ڌرتي آ ، نه منهـنـجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي ، مـان لاش جو مـيــرو ڪــفــن،
جـــــلاوطن ، جــــــلاوطن ، جـــــلاوطن ، جـــــــلاوطن

جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
مــــان رت رُنــــس ظـالـمــو! تـنـهن لُـڙڪ جـو آهي قسم،
جــيــجــل جــي مــٺــڙي ٿڃ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئـه ڪندس ، پـلئه ڪندس، اي وقت! تو سان آ وچن،
جــــــلاوطـــــن ، جـــــــلاوطـــــن ، جـــلاوطـــن ، جـلاوطــن

نثار ٻانڀڻ جي شاعري | نظم

اسان جي سوچ تي رستا
اوھان جي ھوڏ تي رستا
اونھاري سخت جھولن ۾
مِٺي. . ! سيارن جي پارن ۾
کڻي دل جي صدا ھڪڙي
اسان پيڙاءَ جي رڻ ۾
اڪيلي ڪنھن مسافر جيان
تلاشيو ھو گھڻو توکي
مگر جانان . . . !
اسان کي ڄاڻ نه رھي ڪا
جڏھن به منزليون ڪڇبيون
اسان جا دڳ بند ٿيندا
سوين الزام ڪُلھن تي
صليبن جيان کڻي ھلبا
اسان ته ڇانو جي خاطر
جُھريل ھن ھيانوَ جي خاطر
اکين ۾ اوسيئڙا سانڍي
ستارن کي ڇُھڻ سکيو
ڪنارن کي چُمڻ سکيو
جڏھن به راھ ويندي ڪو
ڪري ڪا ڪاھ ويندي ڪو
لُڻي جي خواب ويندو آ
تڏھن به آهه ڪا دل مان
ڪڍڻ ناھي سکي جانان . . !
اسان جي سوچ تي پھرا
اسان جي لوچ تي پھرا
نپوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي روح جا اجرڪ
ولوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي جستجوءَ جا جر
پرين ڪنھن شام ويلي ۾
ڀٽائيءَ گھوٽ جو ميلو
اڪيلي جي گھمن ڪيھر
تڏھن ڪا اک ڪرڙي ۽
مٿي جي گھنج جي ٽوپي
انھن کي ڪين روڪيندي
انھن کي ڪين ٽوڪيندي
تڏھن ھي سوچ جا رستا
اڪيلي لوچ جا رستا
اسان کي به سڏي چوندا
اڃان ھي سنڌ ساڳي آ
اسان جي جند ساڳي آ
خدا شايد اسان جي دعا
اگھائيندو پَل ڀر ۾
پرين پر تون ڪجانءَ ھا.ھا..
متان منھنجو ستارن تان
کڄي وشواس ٻيھر نه
اڃايل اک ھر ڪنھن ۾
مري ڪو خواب ٻيھر نه
ائين جانان ڪندينءَ جي تون
سموري سنڌ سجدي ۾
سوين ڪي سال پئي ھوندي
ائين جي جانان ڪندينءَ جي تون
اسان جي سوچ ٻيھر به
سوين دڳ ساڀيائن جا
اڪيلي ئي گھمي وٺندي