نثار ٻانڀڻ جي شاعري | نظم

اسان جي سوچ تي رستا
اوھان جي ھوڏ تي رستا
اونھاري سخت جھولن ۾
مِٺي. . ! سيارن جي پارن ۾
کڻي دل جي صدا ھڪڙي
اسان پيڙاءَ جي رڻ ۾
اڪيلي ڪنھن مسافر جيان
تلاشيو ھو گھڻو توکي
مگر جانان . . . !
اسان کي ڄاڻ نه رھي ڪا
جڏھن به منزليون ڪڇبيون
اسان جا دڳ بند ٿيندا
سوين الزام ڪُلھن تي
صليبن جيان کڻي ھلبا
اسان ته ڇانو جي خاطر
جُھريل ھن ھيانوَ جي خاطر
اکين ۾ اوسيئڙا سانڍي
ستارن کي ڇُھڻ سکيو
ڪنارن کي چُمڻ سکيو
جڏھن به راھ ويندي ڪو
ڪري ڪا ڪاھ ويندي ڪو
لُڻي جي خواب ويندو آ
تڏھن به آهه ڪا دل مان
ڪڍڻ ناھي سکي جانان . . !
اسان جي سوچ تي پھرا
اسان جي لوچ تي پھرا
نپوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي روح جا اجرڪ
ولوڙي ڪين سگھيا اڄ
اسان جي جستجوءَ جا جر
پرين ڪنھن شام ويلي ۾
ڀٽائيءَ گھوٽ جو ميلو
اڪيلي جي گھمن ڪيھر
تڏھن ڪا اک ڪرڙي ۽
مٿي جي گھنج جي ٽوپي
انھن کي ڪين روڪيندي
انھن کي ڪين ٽوڪيندي
تڏھن ھي سوچ جا رستا
اڪيلي لوچ جا رستا
اسان کي به سڏي چوندا
اڃان ھي سنڌ ساڳي آ
اسان جي جند ساڳي آ
خدا شايد اسان جي دعا
اگھائيندو پَل ڀر ۾
پرين پر تون ڪجانءَ ھا.ھا..
متان منھنجو ستارن تان
کڄي وشواس ٻيھر نه
اڃايل اک ھر ڪنھن ۾
مري ڪو خواب ٻيھر نه
ائين جانان ڪندينءَ جي تون
سموري سنڌ سجدي ۾
سوين ڪي سال پئي ھوندي
ائين جي جانان ڪندينءَ جي تون
اسان جي سوچ ٻيھر به
سوين دڳ ساڀيائن جا
اڪيلي ئي گھمي وٺندي